وفاقي حڪومت پاران سنڌ ۾ ايڊز جي علاج لاءِ صوبائي حڪومت سان گڏجي 3 سينٽر قائم ڪرڻ جو فيصلو، عذرا پيچوهو ملاقات دوران مملڪتي وزير کي وفاق طرفان فنڊز نه ملڻ جي شڪايت ڪئي، مملڪتي وزير ڊاڪٽر ظفر مرزا ڪٽس خريداري لاءِ وفاقي حڪومت طرفان فنڊز ڏيڻ جي خاطري ڪرائي.

صحت واري صوبائي وزير عذرا پيچوھو، لاڙڪاڻي پهتل صحت واري مملڪتي وزير ظفر مرزا سان ملاقات ڪئي، رتيديري ۾ ايڊز جي صورتحال بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

ملاقات دوران وفاقي حڪومت پاران سنڌ ۾ ايڊز جي علاج لاءِ صوبائي حڪومت سان گڏجي 3 سينٽر قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اهي سينٽر حيدرآباد، نوابشاهه ۽ ميرپورخاص ۾ قائم ڪيا ويندا.

 عذرا پيچوهو مملڪتي وزير کي شڪايت ڪئي ته  رتوديرو ۾ ايڊز جي معاملي تي سنڌ حڪومت ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آھي پر وفاق طرفان فنڊز رليز نه ٿا ٿين.

 مملڪتي وزير ڊاڪٽر ظفر مرزا ڪٽس خريداري لاءِ وفاقي حڪومت طرفان فنڊز ڏيڻ جي خاطري ڪرائي

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*