حڪومت صولت مرزا جي ڦاهي تي عمل هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

حڪومت، صولت مرزا جي ڦاهي تي عمل هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، وفاقي گهرو وزارت پاران تيار ڪيل سمري جلد وزيراعظم ڏانهن موڪلي ويندي.

ذريعن موجب، حڪومت مچ جيل ۾ قيد صولت مرزا جي ڦاهي تي هڪ ڀيرو ٻيهر عمل روڪڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، ان سلسلي ۾ وفاقي گهرو وزارت پاران سمري تيار ڪئي وئي آهي.

ذريعن موجب، گهرو وزارت پاران صولت مرزا کان الزامن جي جاچ لاءِ جوڙيل جوائنٽ انويسٽيگيشن رپورٽ اچڻ تائين ڦاهي تي عمل روڪڻ جي سفارش ڪئي ويندي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته گهرو وزارت پاران سمري جلد وزيراعظم ڏانهن موڪلي ويندي، وزيراعظم جي منظوري بعد صدر ايوان صدر موڪلي ويندي.

واضح رهي ته صولت مرزا جي ڦاهي ملتوي ڪرڻ واري تاريخ 30 اپريل تي ختم ٿي وئي آهي، جڏهن ته ميچ جيل انتظاميه پاران پڻ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ درخواست پڻ داخل ڪئي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*