ڪب آباد ويجهو مشهور فنڪار ايوب کوسو جي ننڍي ڀاءُ گهرو پريشانين کان تنگ اچي پاڻ مٿان پيلٽ گن سان فائر ڪري مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو

جيڪب آباد ويجهو مشهور فنڪار ايوب کوسو جي ننڍي ڀاءُ گهرو پريشانين کان تنگ اچي پاڻ مٿان پيلٽ گن سان فائر ڪري مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو، ڪريم بخش ٿاڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ مددپور ۾ جيڪب آباد واسي مشهور فنڪار ايوب کوسو جي ننڍي ڀاءُ 30 ورهين جي سهيل احمد کوسو پاڻ مٿان پيلٽ گن سان لوندڙي تي فائر ڪري مبينا طور آپگهات ڪيو.

حد جي پوليس واقعي جي تصديق ڪندي  ٻڌايو ته فنڪار ايوب کوسو جي ننڍي ڀاءُ سهيل کوسو گهرو پريشانين کان تنگ اچي آپگهات ڪيو آهي.

نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارث مڙهه کڻائي گهر پهتا ته ڪهرام مچي ويو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*