وزير اعظم عمران خان اڄ هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچي رهيو آهي

وزير اعظم عمران خان اڄ هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچي رهيو آهي، وزيراعظم گورنر هائوس ۾ اهم اجلاس به سڏائي ورتو، جي ڊي اي ۽ ايم ڪيو ايم اڳواڻ شرڪت ڪندا.

وزير اعظم عمران خان اڄ هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچي رهيو آهي، ان حوالي سان تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.

وزير اعظم پاران اڄ 4 وڳي گورنر هائوس ۾ جي ڊي اي ۽ ايم ڪيو ايم جي پارليامينٽرين ۽ اڳواڻن جو اهم اجلاس گهرائي ورتو آهي.

ذريعن موجب جي ڊي اي اڳواڻ صدرالدين شاهه راشدي، ارباب غلام رحيم، غلام مرتضيٰ جتوئي ۽ ايم ڪيو ايم اڳواڻن شرڪت ڪندا.

ذريعن موجب وزير اعظم جي اجلاس جي دوران سنڌ جي صورتحال تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويندو.

ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان شوڪت خانم فنڊ ريزنگ افطار ڊنر ۾ پڻ شرڪت ڪري خطاب ڪندو.

وزير اعظم عمران خان جا لاڏاڻو ڪري ويل وفاقي وزير علي محمد مهر جي وارثن سان تعزيت لاءِ گهوٽڪي وڃڻ جا به امڪان آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*