نيب چيئرمين نجي ٽي وي چئنل تي هلندڙ خبر جي ترديد ڪري ڇڏي

نيب چيئرمين نجي ٽي وي چئنل تي هلندڙ خبر جي ترديد ڪري ڇڏي. نيب چئرمين موجب ميڊيا تي هلندڙ خبرن ۾ ڪا به صداقت نه آهي. ويڊيو هڪ پروپئگنڊا آهي.

جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال  چيو آهي ته ميڊيا تي هلندڙ وڊيو هڪ پروپئگنڊا آهي، بليڪ ميلرز جو مقصد نيب جي ساک کي مجروح ڪرڻ آهي.

جاويد اقبال موجب نيب بليڪ ميلر گروهه جي ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري چڪي آهي.

نيب چئرمين موجب بليڪ ميلر گروهه خلاف ملڪ۾ 42 کان وڌيڪ ڪيس داخل آهن، ميڊيا تي هلندڙ وڊيو حقيقت جي ابتڙ آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*