ايران جو پرڏيهي وزير جواد ظريف  اسلام آباد پهچي ويو

ايران جو پرڏيهي وزير جواد ظريف  اسلام آباد پهچي ويو آهي، جيڪو پنهنجي هم منصب شاهه محمود قريشي  سان ملاقات ڪرڻ وارو آهي.

پاڪستان پهچڻ تي جواد ظريف جو پرڏيهي آفيس جي عملدارن استقبال ڪيو.

جواد ظريف  پاڪستان جي سول ۽ عسڪري  قيادت سان به ملاقاتون ڪندو،جنهن دوران  گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.

واضح رهي ته ايران جي خلاف آمريڪي پابندين کانپوءِ  جواد ظريف جي دوري کي اهميت ڏني پئي وڃي.

ملاقاتن ۾ پاڪستان پاران گيس پائيپ لائين واري منصوبي کي معطل ڪرڻ واري معاملي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.

واضح رهي ته پائيپ لائين منصوبي معطل ٿيڻ کانپوءِ ايران پاڪستان کي عالمي قانون تحت ڏنڊ ادا ڪرڻ جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*