سنڌ يونيورسٽي انتظاميا پاران غريب ڊرائيور جي برطرفي جو جاري ڪيل ليٽر ڊيٿ وارنٽ بڻجي ويو

سنڌ يونيورسٽي انتظاميا پاران غريب ڊرائيور جي برطرفي جو جاري ڪيل ليٽر ڊيٿ وارنٽ بڻجي ويو، برطرفي جي صدمي ۾ فوت ٿي ويل ڊرائيور علي گوهر دايو جي وارثن لاش سوڌو يونيورسٽي اندر ڌرڻو  هنيو، وارثن جو چوڻ آهي ته علي گوهر گهر جو اڪيلو ڪمائيندڙ هو، فوتي ملازم جون رهيل پگهارون، پينشن ۽ فوتي ملازم جي پٽ کي نوڪري ڏني وڃي.

سنڌ يونيورسٽي جي انتظاميا پاران برطرف ڪرڻ بعد صدمي ۾ فوت ٿيل ڊرائيور علي گوهر دايو  جي وارثن سندس لاش ايِ سي ٽو ۾ رکي ڌرڻو هنيو .

احتجاج ڪندڙ دايا برادري جي وارثن جو چوڻ آهي ته يونيورسٽي انتظاميا علي گوهر سان گڏ ڪجهه ٻين ملازمن کي تيل چوري جي الزام هيٺ معطل ڪيو هو.

احتجاج ڪندڙن  جو چوڻ هو ته تيل چوري جي الزام هيٺ آيل ٻين ملازمن کي ته بحال ڪيو ويو پر علي گوهر دايو کي بحال ڪرڻ بدران مورڳو نوڪريءَ مان ئي برطرف ڪيو ويو، جنهن جي صدمي هو فوت ٿي ويو.

دايا برادري ماڻهن مطالبو ڪيو آهي ته علي گوهر جون رهيل پگهارون ۽ پينشن جاري ڪرڻ سان گڏ سندس پٽ کي نوڪري به ڏني وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*