واهي پاندي ويجهو قمبراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو

واهي پاندي ويجهو قمبراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ 8 زخمي ٿي پيا، پوليس چئن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ڪاڇي جي ڳوٺ سم لوڙهو ۾ قمبراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو، فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڌر جو 22 ورهين جو نوجوان گل حسن ولد محمد رمضان قمبراڻي مارجي ويو.

فائرنگ ۾ رمضان گلزار، جمن ۽ گلاب قمبراڻي سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته مارجي ويل نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

واقعي جو ڪيس مقتول نوجوان جي پيءُ جي فرياد تي داخل ڪيو ويو ۽ پوليس عباس، بخشل، اصغر ۽ رحمت الله کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*