آئي ايم ايف پروگرام پاڪستان کي معاشي طور تي مضبوط ڪندو، جيري رائس

عالمي مالياتي فنڊ جي ترجمان جيري رائس چيو آهي ته پاڪستان ۾ معاشي سڌارا ڏسڻ چاهيون ٿا،آئي ايم ايف پروگرام پاڪستان کي معاشي طور تي مضبوط ڪندو.

آئي ايم ايف  جي ترجمان جيري رائس صحافين کي آن لائين بريفنگ ڏيندي چيو ته  پاڪستان سان 6 ارب ڊالر  پروگرام تي ڳالهيون مڪمل ٿي ويون آهن.

هن چيو ته آئي ايم ايف  پروگرام سان پاڪستان ۾ اقتصادي ترقي وڌندي.

واشنگٽن مان ڳالهائيندي ترجمان چيو ته آءِ ايم ايف جي پروگرام سان پاڪستان ۾انفرا اسٽرڪچر ۾ بهتري ايندي.

هن چيو ته پاڪستان سماجي شعبي ۾ وڌيڪ رقم استعمال ڪري سگهندو ۽ پاڪستان  تي قرضن جو دٻاءُ گهٽبو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*