ايڇ آءِ وي پکيڙڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيل ڊاڪٽر مظفر گھانگھري واري معاملي بابت جي آءِ ٽي جاچ مڪمل ڪري ورتي

لاڙڪاڻو ۾ ايڇ آءِ وي پکيڙڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيل ڊاڪٽر مظفر گھانگھري واري معاملي بابت جي آءِ ٽي جاچ مڪمل ڪري ورتي، اڄ ڪنهن به وقت رپورٽ جاري ڪرڻ جا امڪان آهن، ذريعن موجب، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڊاڪٽر ڄاڻي واڻي بيماري نه پکيڙي آهي، پر ھو بيماري پکيڙڻ جو سبب ضرور بڻيو آهي.

رتوديرو ۽ ڀر پاسي ايڇ آءِ وي ايڊز ڦھلجڻ واري ڪيس ۾ گرفتار ڪيل ڊاڪٽر مظفر گھانگھري واري معاملي بابت جوڙِل جي آءِ ٽي پنهنجي جاچ مڪمل ڪري ورتي آهي، جيڪا اڄ ڪنهن به وقت پڌري ٿيڻ جو امڪان آهي.

ذريعن موجب، جي آءِ ٽي پنھنجي رپورٽ ۾ ڊاڪٽر مظفر گھانگھري کي بيماري ڦھلجڻ جو سبب بڻجڻ قرار ڏيندي ڊاڪٽر خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي.

رپورٽ موجب، ھيلٿ ڪيير ڪميشن پاران قلم 324 جي داخل ڪرايل ايف آء آر ۾  322 قلم شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آھي تھ ڊاڪٽر ڄاڻي واڻي بيماري ناهي پکيڙي، پر ھو بيماري ڦھلايڻ جو سبب ضرور بڻيو آھي.

رپورٽ موجب، بيماري سبب 4 ٻار فوت ٿي ويا آھن ۽ ڪيترائي ايڇ آءِ وي ۾ مبتلا ٿي چڪا آھن،  جنهن سبب ڊاڪٽر تي قتل ڪيس داخل ٿيڻ ضروري آهي.

ذريعن موجب، جاچ ۾ 4 ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪندي وارثن جا ڊاڪٽر خلاف بيان ۽ ايڇ آءِ وي متاثر ٻارڙن مان 28 متاثر ٻارڙن جي وارثن جا بيان بھ شامل ڪيا ويا آهن.

رپورٽ موجب، اھڙيون شاھديون بھ مليون آھن تھ ڊاڪٽر ٻارڙن جو علاج ڪرڻ وقت ڪنھن بھ احتياط کان ڪم نھ وٺندو ھو.

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٿي سگھي ٿو تھ ٻارن کي ڊاڪٽر مان يا وري ڊاڪٽر کي ڪنھن ٻار مان ايڇ آءِ وي جي منتقلي ٿي ھجي، ٻنھي صورتن ۾ ڊاڪٽر جي ڪرمنل ايڪٽيوٽي آھ.

رپورٽ موجب، ڊاڪٽر ڪلينڪ تي ھيلٿ ڪيير جي حوالي سان ڪو بھ اپاءُ نھ وٺندو ھو، ڊاڪٽر 5 سي سي واري انجيڪشن هڪ ٻار کي لڳائڻ بعد ٻئي ٻار کي ھڻندو ھو.

ذريعن موجب، ھيلٿ ڪيير ڪميشن ۽ ڊي ايڇ او جون ڊاڪٽر بابت جاري ڪيل رپورٽس کي بھ جاچ جو حصو بڻايو ويو آھي جنھن ۾ڊاڪٽر جي طبي ڪوتاھين جي واضح نموني نشاندهي ٿيل آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*