سپريم ڪورٽ جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾  لاهور هاءِ  ڪورٽ جو فيصلو برقرار رکندي نيب جي اپيل رد ڪري ڇڏي

سپريم ڪورٽ جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾  لاهور هاءِ  ڪورٽ جو فيصلو برقرار رکندي نيب جي اپيل رد ڪري ڇڏي،چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته نيب جوابدارن سان ڊيل ڪندي  هوندي،پر اسان ڊيل نه فيصلا ڪندا آهيون.

چيف جسٽس آصف سعيد ڪيس  جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ جعلي اڪائونٽ ڪيس جي شنوائي ڪندي ڄاڻايو ته  لاهور هاءِ ڪورٽ  شاهدين کي سامهون رکندي فيصلو ٻڌايو.

عدالت مطابق نيب پنهنجي ريفرنس ۾ لکيو ته محمد نواز ڪوبه اڪائونٽ نه کوليو،جڏهن ته2 اڪائونٽ محمد نواز جي ڀائرن جا هئا.

 ايڊيشنل پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته اڪائونٽ ۾ 18 لک 90 هزار جي رقم ڪيش جمع ڪرائي وئي ۽قومي خزاني کي نقصان پهچايو ويو.

چيف جسٽس چيو ته ڪوبه ثبوت ناهي ته نواز جا اڪائونٽ هئا ۽ هن قومي خزاني کي نقصان پهچايو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*