لاڙڪاڻي ۾ هيلٿ ڪيئر ڪميشن ڪارروائي ڪندي ليبارٽرين سميت  9 ڪلينڪن کي سيل ڪري ڇڏيو

لاڙڪاڻي ۾ هيلٿ ڪيئر ڪميشن ڪارروائي ڪندي ليبارٽرين سميت  9 ڪلينڪن کي سيل ڪري ڇڏيو، ٽيم جو چوڻ آهي ته غير رجسٽرڊ  ليبارٽيز خلاف ڪاررائي جاري رهندي.

لوهر ڪالوني، نشتر روڊ ۽ حسيني محلي ۾ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي ڪندي پنج ڪلينڪن کي سيل ڪري ڇڏيو.

هيل ڪيئر ڪميشن شهر جي مختلف ليبارٽريز تي ڇاپا به هنيا، جنهن دوران سئو کان وڌيڪ ليبارٽريز جو معائنو ڪيو ويو.

هيلٿ ڪيئر ڪميشن ٻن ليبارٽريز کي سيل ڪري ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*