برطانوي وزيراعظم ٿريسامي عهدي تان استيعفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

برطانوي وزيراعظم ٿريسامي عهدي تان استيعفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته کيس ڏک آهي ته هوءَ بريگزٽ ڊيل تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ ۾ ناڪام وئي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب برطانوي وزيراعظم ٿريسامي بريگزٽ ڊيل جَي حوالي سان حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ ڊيڊ لاڪ سبب پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪيو.

برطانوي وزيراعظم 7 جون کان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪندي روئڻهارڪي ٿي وئي، هن چيو ته ملڪ جي خدمت ڪرڻ وڏو ا عزاز هو.

ٿريسامي چيو ته بريگزيٽ تي عملدرآمد نه ڪرائڻ تي افسوس آهي ۽ هميشا رهندو، استيعفيٰ ڏيڻ جو ڪارڻ اپوزيشن ۽ حڪومت وچ ۾ پيدا ٿيل ڊيڊلاڪ آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*