ڪوئيٽا ۾ مسجد اندر ڌماڪو، نتيجي ۾ 2 نمازي شهيد، 15 زخمي

ڪوئيٽا جي علائقي  پشتون آباد جي مسجد ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ پيش امام سميت ٻه نمازي شهيد ۽ 15 زخمي ٿي پيا.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪو پشتون آباد جي رحمانيا مسجد ۾ جمعي جي نماز کانپوءِ ٿيو.

ڌماڪو ايترو ته شديد هو جو  علائقي جي عمارتن جا شيشا ٽٽي پيا.

پوليس ۽ سيڪيورٽي  فورسز علائقي  کي گهيري ۾ آڻي جاچ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.

ڌماڪي سبب مسجد جي اندروني حصي  کي سخت نقصان پهتو.

سول اسپتال  ڪوئيٽا جي ايم ايس  ڌماڪي ۾ ٻن نمازين جي شهيد ٿيڻ ۽ 15 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي،هن ٻڌايو ته ٽن زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

ٻئي طرف وفاقي گهيرو وزير اعجاز شاهه، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال،گهرو وزير سميت اعليٰ عملدارن  ڌماڪي جي مذمت ڪئي آهي.

هنن جو چوڻ هو ته دهشتگردي جو ڄمي ڪري مقابلو ڪيو ويندو.

هنن چيو ته دهشتگرد اسان جا حوصلا جهڪائي نٿا سگهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*