اڳوڻي وزير اعظم ۽ ن ليگ جي سينئر اڳواڻ شاهد خاقان عباسي مطالبو ڪيوآهي ته نيب چيئرمين جي انٽرويوز جي حوالي سان پارلياماني ڪميٽي جوڙي وڃي

اڳوڻي وزير اعظم ۽ ن ليگ جي سينئر اڳواڻ شاهد خاقان عباسي مطالبو ڪيوآهي ته نيب چيئرمين جي انٽرويوز جي حوالي سان پارلياماني ڪميٽي جوڙي وڃي، جيڪا معاملي جي جاچ ڪري ايوان ۾ رپورٽ پيش ڪري.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو ته پارليامينٽ سڀني کان مٿڀرو ادارو آهي، جيڪو نيب چيئرمين واري معاملي جي جاچ ڪري .

هن چيو ته اسان ڪميٽي قائم ڪرڻ جي حوالي سان رٿ سومر ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪنداسين.

هن چيو ته نيب جي چيئرمين پنهنجي انٽرويو ۾ چيو ته هن تي دٻاءَ آهي، هن ٻيون به ڪيتريون ئي ڳالهيون ڪيون آهن.

هن چيو ته انصاف جو ملڻ سڀني جو حق آهي، جيستائين ڪنهن تي الزام ثابت نٿا ٿين، تيستائين ان کي ڏوهاري قرار ڏئي نٿو سگهجي.

شاهد خاقان عباسي جو چوڻ هو ته نيب جي چيئرمين چيو هو ته ڪجهه اهڙا ڪيس به آهن، جن سان حڪومت ڪِري سگهي ٿي.

نون ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو ته نيب چيئرمين تي دٻاءَ آهي ته هو حڪومتي ميمبرز ۽ سندس اتحادين جي ڪرپشن لڪائي ۽ اپوزيشن جماعتن جي اڳواڻن خلاف ڪارروايون ڪري

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*