چانڊڪا اسپتال توڙي ٻين خانگي اسپتالن ۾استعمال ٿيل سرنجز، ڊرپس ۽ ٻيو سامان گند جي ڍيرن تي اڇلائڻ روز جو معمول بڻيل آهي

رتوديرو ۽ ڀرپاسي ايڇ آءِ وي جا ڪيس ڌڙا ڌڙ ظاهر  ٿيڻ باوجود سنڌ جو صحت کاتو لاپرواهه بڻيل آهي، لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۽ ٻين خانگي اسپتالن جي ٻاهران استعمال ٿيل سرنجز، ڊرپس ۽ ٻيو سامان ساڙڻ بدران گند جي ڍير تي اڇلائڻ معمول بڻجي ويو، جنهن جي ڪري ڪيتريون ئي موذي بيماريون پکڙجڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي.

لاڙڪاڻي ضلعي اندر ايڊز جو وائرس ايڇ آءِ وي وبا بڻجڻ باوجود صحت کاتي جي لاپرواهي برقرار آهي.

لاڙڪاڻي شهر جي مختلف علائقن ۾سرڪاري توڙي نجي اسپتال طرفان استعمال ٿيل سامان ساڙڻ بدران روڊ رستن تي پيل گند جي ڍيرن مٿان اڇلايو ويو آهي.

چانڊڪا اسپتال توڙي ٻين خانگي اسپتالن ۾استعمال ٿيل سرنجز، ڊرپس ۽ ٻيو سامان گند جي ڍيرن تي اڇلائڻ روز جو معمول بڻيل آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اسپتالن ٻاهران هيروئني ۽ صفائي ڪندڙ عملو گند جي ڍير مان سرنجز، ڊرپس ۽ ٻيو سامان ميڙي ڪٻاڙ وارن کي وڪرو ڪري رهيا آهن، جنهن جي ڪري   ايڊز، ڪامڻ توڙي ٻيون موذي بيماريون پکڙجڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*