قمبر جي عدالت قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي

قمبر جي عدالت قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي، جوابدار سراج ميڪڻ 2008 ۾ هڪ ڄڻي کي قتل ڪيو هو.

ماڊل ٽرائل ڪورٽ جي جج غلام قادر تونيو جي عدالت ۾ قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

عدالت قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار سراج ميڪڻ کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

جوابدار 2008 ۾ شهدادڪوٽ ۾ نوجوان عطا محمد ميڪڻ کي قتل ڪري ڇڏيو هو، جنهن جو مٿس ڪيس به داخل ڪيو ويو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*