مسلم ليگ نواز آڊيو ۽ ويڊيو اسڪينڊل جي بنياد تي نيب چيئرمين کان استعيفا جو مطالبو ڪري ڇڏيو

مسلم ليگ نون  آڊيو ويڊيو اسڪينڊل ۽ صحافي کي ڏنل انٽرويو جي بنياد  تي قومي احتساب بيورو جي چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال کان استعيفا جو مطالبو ڪيو آهي ۽ ان جي خلاف عدالت وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

لاهور ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي مسلم ليگ نون جي اڳواڻ ملڪ احمد خان چيو ته نيب چيئرمين پنهنجي عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي.

هن چيو ته شهباز شريف نيب چيئرمين جي معاملي تي پارلياماني ڪميٽي جوڙڻ جو مطالبو ڪيو آهي.ان حوالي سان پارلياماني ڪميٽي جوڙي جاچ ڪرائي وڃي.

ملڪ احمد خان جو چوڻ هو ته نيب چيئرمين جي خلاف عدالت سان به رابطو ڪنداسين.

هن چيو ته نيب وارا  سمجهن ٿا ته انهن کان ڪو پڇڻ وارو ناهي،اسان نيب جي چيئرمين خلاف لاهور هائي ڪورٽ جو در کڙڪائينداسين.

هن الزام لڳايو ته نيب شهباز شريف جي خلاف بي بنياد ڪيس قائم ڪري گرفتاري ڪئي.نيب کان گرفتاري جو سبب پڇيو وڃي ٿو ته چون ٿا ته هي ڳجها دستاويز آهن.

نون  ليگ اڳواڻ چيو ته نيب هن وقت حڪومت جي ٽول طور  ڪم ڪري رهي  آهي.

ملڪ محمد احمد خان چيو ته جيڪڏهن سڀني جي خلاف ڪارروائي ٿي سگهي ٿي ته نيب جي چيئرمين جي خلاف ڇو نه؟

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*