سنڌ هاٰءِ ڪورٽ انيلا جي آپگهات ڪيس ۾ نامزد جوابدار اشوڪ مينگهواڙ جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي

سنڌ هاٰءِ ڪورٽ ٽنڊو غلام علي ۾ شاگردياڻي انيلا جي آپگهات واري ڪيس ۾ نامزد جوابدار اشوڪ مينگهواڙ جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي، مک جوابدار سوم مينگھواڙ ۽ مھيش مينگھواڙ پوليس وٽ 5 ڏينھن جي جسماني ريمانڊ تي لاڪ اپ آهن.

سنڌ هاٰءِ ڪورٽ حيدرآباد بينچ ٽنڊو غلام علي ۾ شاگردياڻي انيلا جي آپگهات واري ڪيس ۾ نامزد جوابدار اشوڪ مينگهواڙ جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي

ٽنڊوغلام علي پوليس چيو آهي ته اسان کي خبر پئي ته جوابدار اشوڪ جي ٽن ڏينهن جي ڪچي ضمانت ٿي آهي  ۽ هو پڪي ضمانت سيشن ڪورٽ بدين مان ڪرائيندو .

واضح رهي ته انيلا قتل ڪيس ۾ مک جوابدار سوم مينگھواڙ سميت ٽي ڄڻا مھيش ۽ اشوڪ مينگھواڙ نامزد آهن، جن مان ٻه ڄڻا سوم ۽ مھيش مينگھواڙ ٽنڊوغلام علي پوليس وٽ 5 ڏينھن جي جسماني ريمانڊ ۾ لاڪ اپ آھن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*