جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ نيب  بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري  کي ٻيهر 29 مئي تي طلب ڪري ورتو

جعلي اڪائونٽس ڪيس  ۾ نيب  پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري  کي ٻيهر 29 مئي تي طلب ڪري ورتو.

 نيب  ٻنهي اڳواڻن جي طلبي جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو  آهي.

بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري کي راولپنڊي ۾  نيب جي اولڊ هيڊڪوارٽرز  ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

ذريعن مطابق نيب ٽيم بلاول ڀٽو زرداري کان ڪيس بابت پڇاڻو ڪندي ۽ جاچ ٽيم بلاول کي  سوالنامون پڻ  فراهم ڪندي، جنهن جا کيس جواب ڏيڻا پوندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*