اسان نه اين آر او گھريو آهي، نه ئي گهرنداسين، ناصر حسين شاهه

صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ڊالر کي پر لڳڻ سان قرضن ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي، حڪمران ڪارڪردگي ڏيکارڻ بدران اين آر او گهري رهيا آهن، اسان نه اين آر او گھريو آهي، نه ئي وري گهرنداسين، وفاقي حڪومت جي پاليسين سبب مهانگائي جو طوفان برپا ٿيو آهي، رمضان شريف ۾ عوام کي رليف ناهي مليو، قيمتون وڌڻ سان پريشاني ٿئي پئي.

سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد ناصر حسين شاهه چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جون هدايتون آهن ته پڇڙي تائين پاڻي پهچايو وڃي.

هن چيو ته، مان پاڻ وڃي واهن ۽ پڇڙي تائين دورو ڪري پاڻي جو جائزو وٺي رهيو آهيان.

صوبائي وزير  چيو ته، بااثر ماڻهون پاڻي چوري ڪري رهيا آهن، 53 ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڪير ڪيترو به بااثر ڇو نه هجي مان پڇڙي تائين پاڻي پهچائيندس.

ناصر حسين شاهه چيو ته، بدين ۾ هاڻ پڇڙي تائين پاڻي پهچي رهيو آهي، اڃان بهتري جي ضرورت آهي.

هن چيو ته، 140 ارب نه ملڻ ڪري ترقياتي ڪم رڪجي رهيا آهن، سکر بئراج اهميت واري آهي.

ناصر حسين شاهه چيو ته سنڌ جي 80 فيصد زراعت سکر بئراج سان وابسطا آهي،  نئين بئراج جي تعمير لاءِ ڪوششون جاري آهن.

صوبائي وزير چيو ته گڊو بئراج تي به ايشين ۽ ورلڊ بينڪ جي تعاون سان ڪم هلي رهيو آهي، مان پاڻ دورو ڪري چڪو آهيان.

هن چيو ته، ورلڊ بينڪ، ايشين بينڪ به بئراج جي معاملي ۾ مدد ڪري رهيا آهن، وفاقي حڪومت جي پاليسين سبب مهانگائي جو طوفان برپا ٿيو آهي.

ناصر حسين شاهه چيو ته، رمضان شريف ۾ عوام کي رليف ناهي مليو، قيمتون وڌڻ سان پريشاني ٿئي پئي.

ناصر حسين شاهه چيو ته، يوٽيلٽي اسٽورن تي عام واهپي جون شيون غائب آهن، ڊالر کي پر لڳڻ سان قرضن ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي.

صوبائي وزير چيو ته، حڪمران ڪارڪردگي ڏيکارڻ بدران اين آر او گهري رهيا آهن، اسان نه اين آر او گھريو آهي، نه ئي گهرنداسين.

ناصر حسين شاهه چيو ته، نيب چيئرمين جي چيل ڳالهين ۾ صداقت آهي، اهم فائلون ڇو گم ڪيون ويون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*