سنڌ حڪومت جي نااهلي سبب لاڙڪاڻي ۾ ايڊز ڦهلجي رهي آهي، شيخ رشيد

ريلوي جي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته  نون ليگ نيب جي چيئرمين کي هٽائڻ جو مطالبو انڪري ڪري رهي آهي ته جيئن احتساب جو عمل رڪجي وڃي،آصف زرداري ،شهباز شريف جيان ملڪ کان ٻاهر ڀڄي وڃڻ گهري ٿو.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شيخ رشيد چيو ته  آصف زرداري ۽ نوازشريف پاڻ ۾ مليل آهن،هن واضح ڪيو ته شهباز شريف اين آر او ذريعي ملڪ کان ٻاهر ويو آهي.

ريلوي جي وفاقي وزير دعوا ڪئي ته هن شهباز شريف کي اين آر او جي خيرات گهرندي پنهنجن اکين سان ڏٺو آهي.

هن جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت جي نااهلي سبب لاڙڪاڻي ۾ ايڊز ڦهلجي رهي آهي، هن مطالبو ڪيو ته سنڌ جي صحت جي وزير عذرا پيچوهو پنهنجي عهدي تان استعيفا ڏئي.

هن چيو ته شاهد خاقان عباسي اين آر او جون رڙيون ڪري رهيو آهي ۽ اهو وڏو ڪوڙو شخص آهي.

هن چيو ته پيپلز پارٽي ۾ گندن انڊن سان گڏ سٺا ماڻهو به موجود آهن، جن ۾ قمر زمان ڪائرا،اعتزاز احسن ۽ لطيف کوسا شامل آهن، پر انهن ۾ پارٽي جي خلاف بغاوت جي جرعت ناهي.

هن چيو ته سرڪلر ٽرين جي حوالي سان سنڌ حڪومت خوامخواهه ان تي ڏمريل آهي،حڪومت کي پنهنجي حصي جي رقم ادا ڪرڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*