مريم اورنگزيب ملڪ محمد احمد خان پاران نيب چيئرمين جي استعيفا  جي بيان کان لاتعلقي  ظاهر ڪري ڇڏي

ن ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب ملڪ محمد احمد خان پاران نيب چيئرمين جي استعيفا  جي بيان کان لاتعلقي  ظاهر ڪري ڇڏي آهي.

جاري ڪيل بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته ملڪ محمد احمد خان جيڪو ڪجهه چيو اها ان جي ذاتي راءِ آهي.

هن چيو ته ملڪ محمد احمد خان جي راءِ پارٽي جو موقف ناهي،ن ليگ جو صدر شهباز شريف ۽ شاهد خاقان عباسي نيب چيئرمين بابت واضح موقف بيان ڪري چڪا آهن.

هن مطالبو ڪيو ته پارلياماني ڪميٽي جوڙي وڃي جيڪا چيئرمين نيب جي معاملي جي جاچ ڪري.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*