حضرت علي ڪرم الله وجهه جي شهادت جي ڏهاڙي تي ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ سيڪيورٽي انتظام سخت

حضرت علي ڪرم الله وجهه جي شهادت جي ڏهاڙي تي ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ سيڪيورٽي انتظام سخت، اڄ رات گرومندر کان تبت سينٽر ۽ ٽاور تائين ايم اي جناح روڊ کي ڪنٽينر رکي بند ڪيو ويندو، امام بارگاهه ۽ ماتمي جلوسن جي مانيٽرنگ سميت روڊ رستن تي پوليس ۽ رينجرز جااٽالا مقرر ڪيا ويندا.

سنڌ پوليس حضرت علي ڪرم الله وجهه جي شهادت جي ڏهاڙي تي سخت  سڪيورٽي پلان جوڙيو آهي

 پوليس موجب حضرت علي ڪرم الله وجهه جي شهادت جي ڏهاڙي تي ڪراچي ۾ گرومندر کان ٽاور تائين روڊ رستن تي 5 هزار کان وڌيڪ پوليس، رينجرز اهلڪار ۽ ڪمانڊوز مقرر ڪيا ويندا، جڏهن ته عورت پوليس اهلڪار به سڪيورٽي جا فرض نڀائينديون.

پوليس جي سڪيورٽي پلان تحت اڄ رات گرومندر کان ٽاور تائين ايم اي جناح روڊ کي عام ٽريفڪ لاءِ بند ڪيوويندو، جڏهن ته امام بارگاهن ۽ مسجدن جي روڊ رستن ۽ ڀرپاسي به سڪيورٽي سخت ڪئي ويندي.

حضرت علي ڪرم الله وجهه جي شهادت جي ڏهاڙي تي ٽريفڪ پوليس به روٽ پلان جوڙي ورتو آهي، جنهن تحت  نشتر پارڪ، ايم اي جناح روڊ ايندڙ ويندڙ گاڏين کي متبادل روٽس ڏانهن موڙيو ويندو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*