سنڌ ۾ لِڱ ساڙيندڙ گرمي جاري

سنڌ ۾ لِڱ ساڙيندڙ گرمي جاري، سڀ کان وڌيڪ گرمي اڄ نوابشاهه ۾ 46 سينٽي گريڊ، حيدرآباد ۽ جيڪب آباد ۾ 44 ۽ سکر ۾ 42 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، ڪراچي ۾  هيٽ وِيو جو خطرو ٽري وڃڻ باوجود پارو 40 تائين پهچڻ جا امڪان جوامڪان آهي.

سنڌ ۾ ڪهر جي گرمي جاري آهي، جنهن سبب روزيدار پگهر ڳاڙي رهيا آهن.

موسميات کاتي موجب سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ گرمي اڄ نوابشاهه ۾ 46 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

حيدرآباد ۽ جيڪب آباد ۾ گرمي پد 44 سينٽي گريڊ جڏهن ته سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ 42 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ هيٽ ويو جو خطرو ٽري وڃڻ باوجود شهر ۾ پارو اڄ 40 ڊگري تائين پهچي سگهي ٿو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*