سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي جي وفاقي وزير فواد چوڌري  ملڪ ۾ پنج جون تي عيدالفطر جو اعلان ڪري ڇڏيو

سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي جي وفاقي وزير فواد چوڌري  ملڪ ۾ پنج جون تي عيدالفطر جو اعلان ڪري ڇڏيو.

لاهور ۾ فواد چوڌري  لاهور ۾ پاڪستان جي پهرين چنڊ ڏسڻ جي ويب سائيٽ جو افتتاح ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته هاڻ هر شخص ويب سائيٽ تي پاڪستان ۾ چنڊ جي صورتحال جي باري ۾ ڄاڻي سگهندي، جڏهن ته ويب سائيٽ  ۾ هجري ڪلينڊر به وڌو ويو آهي.

هن چيو ته سومر کان ويب سائيٽ جي ايپ به شروع ڪئي ويندي،جيڪا پلي اسٽور تي موجود هوندي ۽ اتان ڊائون لوڊ  ڪري سگهبي.

فواد چوڌري آگسٽ جي مهيني کي سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي جو مهينو قرار ڏيندي چيو ته 40 سالن کان گهٽ عمر جا ماڻهو اسان کي کي پنهنجو آئيڊيا موڪلين،اسان ڪنهن سٺي آئيڊيا کي اسپانسر ڪنداسين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*