سکر جي ماڊل ڪورٽ قتل ڪيس ۾ هڪ جوابدار کي موت جي سزا ۽ ٻئي جوابدار کي 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي

سکر جي ماڊل ڪورٽ قتل ڪيس ۾ هڪ جوابدار کي موت جي سزا ۽ ٻئي جوابدار کي 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته جوابدار راجا گڏاڻي هڪ لک روپيا ڏنڊ ادا ڪندو ته 7 سال قيد جي سزا ڪاٽيندو

سکر جي ماڊل ڪورٽ ۾ جج ذڪا الله ابڙو  مقتول اصغر گڏاڻي جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران عدالت ۾ جوابدارن جا وڪيل ۽ سرڪاري وڪيل رحم علي جتوئي پيش ٿا.

عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار حيدر گڏاڻي کي موت جي سزا ٻڌا ئي، جڏهن ته ٻئي جوابدار کي 10 سال قيد جي سزا ڏني.

عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته جاوبدار راجا حيدر هڪ لک روپيا ڏنڊ ادا ڪندو ته 7 سال قيد جي سزا ڪاٽيندو.

واضح رهي ته ، 2001 ۾ جوابدارحيدر گڏاڻي ۽ راجا گڏاڻي نوجوان اصغر گڏاڻي کي ڪيو هو، جنهن جو ڪيس سکر بي سيڪشن ٿاڻي تي 3 جوابدارن خلاف داخل ڪيو  ويو هو، جڏهن ته هڪ جوابدار حسن گڏاڻي اڳ ئي فوت ٿي چڪو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*