اليڪشن ڪميشن مريم نواز کي نواز ليگ جو نائب صدر بڻائڻ خلاف درخواست ٻڌڻيءَ لاءِ منظور ڪري ڇڏي

اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان مريم نواز کي نواز ليگ جو نائب صدر بڻائڻ خلاف درخواست ٻڌڻيءَ لاءِ منظور ڪندي مريم نواز کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ محمد رضا جي سربراهيءَ  ۾ ٽه رڪني  بينچ پي ٽي آءِ  اڳواڻن مليڪا بخاري، ڪنول شوزب ۽ فرخ حبيب جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

پي ٽي آءِ  اڳواڻن درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته مريم نواز سزا يافتا آهي، تنهن ڪري سندس پارٽيءَ جي نائب صدر طور مقرري غير آئيني آهي.

اليڪشن ڪميشن درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز کي موقف پيش ڪرڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

واضح رهي ته اسلام آباد  جي احتساب عدالت لنڊن ۾ ايون فيلڊ اپارٽمنٽس جي ملڪيت واري ڪيس ۾ مريم نواز کي 7 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي، جنهن بعد اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اها سزا معطل ڪئي، سپريم ڪورٽ نيب جي درخواست تي سزا معطلي خلاف ٻڌڻي بعد فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*