ڪوٽڏيجي ويجهو معصوم نينگر گڙدن جي مرض سبب اذيت واري زندگي گذارڻ لڳ

ڪوٽڏيجي ويجهو معصوم نينگر گڙدن جي مرض سبب اذيت واري زندگي گذارڻ لڳو، نينگر جي پيءُ چيو آهي ته اڳ به سندس هڪ پٽ ساڳئي مرض ۾ فوت ٿي چڪو آهي، علاج لاءِ رقم نه آهي، سرڪار ۽ سرندي وارا سهڪار ڪن.

ڳوٺ بنگل خان چانڊيو جو رهواسي معصوم نينگر حسن رضا پر اسرار بيماري ۾ مبتلا آهي.

نينگر جي وارثن سکر خيرپور لاڙڪاڻو حيدرآباد، ڪراچي ۽ ٻين شهرن مان سندس علاج ڪرايو آهي پر سندس طبيعت ۾ سڌارو نه اچي سگهيو آهي.

نينگر جي والد ذاڪر علي چيو آهي ته نينگر جي علاج لاآءِ هن الھه تلھه وڪڻي ڇڏيو آهي، هاڻ وٽس سگهه  نه آهي ته پنهنجي پٽ جو علاج ڪرائي سگهي.

نينگر جي والد پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ سرڪار ۽ سرندي وارن کي اپيل ڪئي ته علاج ڪري سندس پٽ جي حياتي بچائي وڃي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*