پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي قائد عوام شهيدن جي مزار تي پهچي گلن جي چادر چاڙهي

پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي قائد عوام شهيدن جي مزار تي پهچي گلن جي چادر چاڙهي، پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پيپلزپارٽي شهيدن جي قربانين جي امين آهي، آئون جمهوريت جي شهيدن جي مشن کي  مڪمل ڪندس.

پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو، بيگم نصرت ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري گل رکيا ۽ فاتحه خواني ڪئي.

ان موقعي تي پ پ سنڌ جو صدر نثار کهڙو، اڳوڻو گهرو وزير سهيل انور سيال ۽ ٻيا بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ ھئا

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جي مزار تي حاضري ڀرڻ کان اڳ مزار کي عام ماڻهن کان مڪمل طور تي خالي ڪرايو ويو ۽ سيڪيورٽيءَ جا انتظام سخت ڪيا ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*