نون ليگ اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته نيب جا قانون تبديل نه ڪرڻ نون ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي وڏي غلطي هئي

نون ليگ اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته نيب جا قانون تبديل نه ڪرڻ نون ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي وڏي غلطي هئي، نيب قانونن جي ڪري ئي نواز شريف اڄ جيل ۾ آهي.

خواجه آصف قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي چيو ته نيب جي قانون ۾ تبديليون نه ڪرڻ سبب نواز شريف اڄ جيل ۾ آهي،آصف زرداري، آغا سراج ۽ ٻيا نشانو بڻيل آهن.

 خواجا آصف  چيو ته  نيب چيئرمين بابت حڪومتي ڪردار شرمناڪ آهي، حڪومت کيس بليڪ ميل ڪري رهي آهي.

خواجه آصف چيو ته بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي مسئلن جو سياسي حل ڳولڻ گهرجي، ڪالهوڪي واقعي تي دفاع وارو وزير ۽ حڪومت جا ٻيا ذميوار بريفنگ ڏيڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*