مواصلات جي وفاقي وزير مراد سعيد ڳالهائيندي  چيو ته پي ٽي ايم ڪراچي ۾ نوجوان نقيب الله جي قتل کانپوءِ ٺهي هئي

قومي اسيمبلي  ۾ ن ليگ جي ميمبرن اتروزيرستان واري معاملي تي دفاع جي وزير کان   بريفنگ وٺڻ جو مطالبو ڪيو، ايوان ۾ بچاءَ جي وزير بدران مراد سعيد جي جواب ڏيڻ تي ن ليگ جي ميمبرن  ايوان مان واڪ ڪري ڇڏيو.

قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اسد  قيصر جي صدارت هيٺ ٿيو.

مواصلات جي وفاقي وزير مراد سعيد ڳالهائيندي  چيو ته پي ٽي ايم ڪراچي ۾ نوجوان نقيب الله جي قتل کانپوءِ ٺهي هئي، بلاول ڀٽو زرداري ٻڌائي ته رائو انوار ڪنهن جو “بهادر بچه” آهي؟

هن چيو ته  وزيرستان ۾ آپريشن ٿيو ته ڪنهن جي حڪومت هئي؟ هڪ ٻئي کان وارا وٺي اقتدار ۾ ايندڙ اڄ قومي ادارن تي تنقيد ڪري رهيا آهن.

 قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي مراد سعيد چيو ته نوازشريف ۽ ٻين اڳواڻن فورسز جي ڪامياب آپريشنز جو ڪريڊٽ ائين کنيو ڄڻ هو پاڻ بندوق کڻي دهشتگردن سان وڙهيا هجن.

وفاقي وزير جي تقرير جاري هئي ته اسپيڪر اجلاس اڱاري ڏينهن تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*