سڌ سماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته عمران خان جي قيادت ۾ اڄ معاهدن ۾ قومي مفاد ۽ عوامي فلاح کي اوليت ڏني پئي وڃي

سڌ سماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته عمران خان جي قيادت ۾ اڄ معاهدن ۾ قومي مفاد ۽ عوامي فلاح کي اوليت ڏني پئي وڃي.فردوس عاشق اعواڻ چيو ته  ماضي ۾ ذاتي مفادن ۽ ڪاروبار کي اوليت ڏني وئي.

سوشل ميڊيا تي ڪيل ٽوئيٽ ۾ خاص معاون  فردوس عاشق اعواڻ چيو ته چين جي نائب صدر جي پاڪستان جي دوري دوران معاهدن تي اتفاق ٻنهي ملڪن ۾ وڌندڙ واپاري سهڪار جو ثبوت آهي.

هن چيو ته هي معاهدا چين جي پاڪستان جي عوام جي ترقي ۽ خوشحاليءَ ۾ اسٽريٽجڪ مفادن جي عڪاسي ڪري ٿو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*