سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ حضرت علي ڪرم الله وجهه جي شهادت وارو ڏهاڙو عقيدت ۽ احترام سان ملهايو  ويو

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ حضرت علي ڪرم الله وجهه جي شهادت وارو ڏهاڙو عقيدت ۽ احترام سان ملهايو  ويو، مختلف شهرن ۾ عزادارن پاران ماتمي جلوس ۽ تعزيا ڪڍي نوحا خواني ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي.

سڄي سنڌ ۾ حضرت علي ڪرم الله وجهه جي شهادت وارو ڏهاڙو عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو.

ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، نوابشاهه، ٺٽو، شڪارپور، دادو، نوشهروفيروز ۽ ٻين شهرن ۾ عزادارن پاران تازيا ڪڍي نوحا خواني ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي.

حضرت علي ڪرم الله وجهه جي شهادت واري ڏهاڙي جي موقعي تي مختلف شهرن ۾ سيڪيورٽي جا انتظام به انتهائي سخت ڪيا ويا.

جلوسن دوران سيڪورٽي جا انتظام سخت ڪري مختلف گذر گاهن جي رستن ۽ شهر جي داخلي ۽ ويندڙ رستن توڙي گهٽين جي سخت نگراني ڪرڻ سان گڏ پوليس کي الرٽ رکيو ويو آهي.

عمرڪوٽ ۾  يوم حضرت علي جي ڏهاڙي جي موقعي تي مرڪزي ماتمي جلوس پنج پير امام بارگاهه کان نڪرندو.

ماتمي جلوس جي سيڪورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن ، جڏهن ته 200 پوليس اهلڪار ۽ رينجرس جا جوان ڊيوٽي جا فرائض سرانجام ڏيندا.

قمبر پوليس انتظاميه طرفان 21 رمضان حضرت علي ڪرم الله وجهه شھادت واري ڏينهن جي سلسلي ۾ ضلعي جون بلوچستان سان لڳندڙ حدون سيل ڪري 13 پوليس چوڪيون قائم ڪيون ويون

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*