صالح پٽ ۾ چمڙي جي سبب زال مڙس فوت ٿي ويا ۽ ڪيترائي ماڻهو چمڙي جي بيماري مبتلا آهن

صالح پٽ ۾ چمڙي جي سبب زال مڙس فوت ٿي ويا ۽ ڪيترائي ماڻهو چمڙي جي بيماري مبتلا آهن، ڳوٺاڻن  صحت کاتي پاران قدم نه کڻڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

صالح پٽ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ چمڙي جي بيماري وبائي صورت اختيار ڪري ورتي آهي.

ڳوٺ قائم خان بهڻ ۾ چمڙي جي بيماري هڪ ڏينهن اندر زال مڙس فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڇهن ٻارڙن ۽ هڪ عورت سميت ڏهن کان وڌيڪ ماڻهو چمڙي جي بيماري ۾ مبتلا آهن.

ڳوٺ قائم خان بهڻ جي رهواسن غلام شبير بهڻ، خدن بهڻ،  خميسو بهڻ ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته اسانجي ڳوٺ ۾ ڪجهه سالن کان چمڙي جي بيماري وبائي صورت اختيار ڪري وئي آهي، جنهن سبب معصوم ٻارڙا، نوجوان، عورتون ۽ مرد چمڙي جي بيماري ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.

هنن چيو ته اڄ وبائي بيماري سبب 35 ورهين جو پريل بهڻ ۽ 32 ورهين جي بيبل بهڻ فوت ٿي ويا، جڏهن ته 22 ساله شمشاد ٽن سالن کان چمڙي جي بيماري سبب کٽ تي پيل آهي.

مظاهرين چيو ته 10 ورهين جو ڌڻي ڏنو، 12 ورهين جو ارشاد، 10 ورهين جي عفرانا، 7 ورهين حليمه ۽ امام ڏني سميت ڏهن کان وڌيڪ چمڙي جي وبائي بيماري ۾ مبتلا آهن.

ڳوٺاڻن چيو ته صحت کاتو اگهور ننڊ آهي ۽ اسان جي ڳوٺ ۾ ماڻهو وبائي بيماري سبب ماڻهو فوت ٿي رهيا آهن، اعليٰ اختياريون نوٽيس وٺي فوري  طور ٽيم موڪلين ته جئين هن مرض ڇوٽڪارو ملي سگهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*