پاڪستان پاران امن جو پيغام ڏيڻ باوجود جي ڀارت جي هٺ ڌرمي جاري آهي

پاڪستان پاران امن جو پيغام ڏيڻ باوجود جي ڀارت جي هٺ ڌرمي جاري آهي، وزيراعظم عمران خان چونڊن ۾ ڪاميابي تي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي فون ڪري مبارڪون ڏنيون پر  ڀارتي حڪومت وري نريندر مودي جي حلف برداري تقريب ۾ وزيراعظم عمران خان کي دعوت نه ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي جي ٻيهر ڪاميابي تي وزير اعظم عمران خان کي مبارڪون ڏنيون پر ڀارتي حڪومت ان جي موٽ ۾ مودي جي رٿيل حلف برداري واري تقريب ۾ عمران خان کي دعوت نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

 30 مئي تي رٿيل نريندر مودي جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت لاءِ  بنگلاديش، ڀوٽان، سريلنڪا، ڪرغزستان، ٿائيلينڊ ۽ ٻين ملڪن جي سربراهن کي دعوت ڏني وئي آهي.

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*