نيب مظفر علي شاهه ۽ عاصم وارثي خلاف ثبوت نه ملڻ تي ڪرپشن ڪيس جي جاچ بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

نيب سنڌ ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي ڊائريڪٽر مظفر علي شاهه ۽ عاصم وارثي خلاف ثبوت نه ملڻ تي ڪرپشن ڪيس جي جاچ بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ کي آگاهي ڏيندي نيب اختيارين ٻڌايو ته جاچ بند ڪرڻ لاءِ درخواست نيب هيڊ ڪوارٽر ڏانهن اماڻي وئي آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي ڊائريڪٽر مظفر علي شاهه ۽ عاصم وارثي خلاف ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

عدالت نيب کان جوابدارن خلاف جاچ ۾ اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪئي.

نيب جي جاچ آفيسر عدالت کي آگاهي ڏني ته جوابدارن خلاف جاچ دوران ڪي به ثبوت هٿ نه آيا آهن، تنهنڪري جاچ بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

نيب جي جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدارن خلاف جاچ بند ڪرڻ لاءِ نيب هيڊ ڪوارٽر کي درخواست ڏني آهي.

نيب جي اهڙي آگاهي کانپوءِ عدالت جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*