ميڊيا جي آزادي وزيراعظم عمران خان  جي انقلابي  منشور جو حصو آهي، فردوس عاشق اعواڻ

سڌ سماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ميڊيا جي آزادي وزيراعظم عمران خان  جي انقلابي  منشور جو حصو آهي.

سوشل ميڊيا تي  ٽوئيٽ ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته صحافين لاءِ سازگار ماحول جي فراهمي ۽ انهن جي ڏکيائن  جو حل عمران خان وٽ آهي.

هن چيو ته وزير اعظم اظهار جي آزادي  جي آئيني حق تي پختو يقين رکي ٿو.

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته صحافين ۽ ميڊيا ڪارڪنن جي حقن جي تحفظ  ۽ انهن جي ڀلائي  پهرين اوليت ۾ شامل آهي.

هن چيو ته ميڊيا ۽ صحافين جي مسئلن جي حل لاءِ سمورا ممڪن قدم کنيا پيا وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*