سنڌ ۾ ايڊز جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ صحت جي عالمي اداري جي 12 رڪني ٽيم ڪراچي پهچي وئي

سنڌ ۾ ايڊز جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ صحت جي عالمي اداري جي 12 رڪني ٽيم ڪراچي پهچي وئي، ڊاڪٽر اوليور مورگان جي اڳواڻي ۾ ڪراچي پهتل ٽيم اڄ ڪراچيءَ ۾ صحت کاتي جي عملدارن سان ملاقاتون ڪندي،ٽيم 30 مئي تي رتيديري جو دورو ڪندي.

سنڌ ۾ ايڊز جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ صحت جي عالمي اداري جي 12 رڪني ٽيم جنيوا کان ڪراچي پهچي وئي، سنڌ ايڊز ڪنٽرول پروگرام ۽ صحت کاتي جي عملدارن ايئر پورٽ تي ٽيم جي آجيان ڪئي.

 ڊاڪٽر اوليور مورگان جي اڳواڻي ۾ ڪراچي پهتل ٽيم ۾ ايپيڊيميولاجسٽ ۽ انفيڪشن ڪنٽرول ايڪسپرٽس به شامل آهن،  ٽيم اڄ ڪراچيءَ ۾ صحت کاتي جي عملدارن سان ملاقاتون ڪندي، ۽سڀاڻي ڪراچيءَ ۾ ايڊز بابت اجلاس ۾ شرڪت ڪندي، ٽيم 30 مئي تي رتيديري جو دورو ڪندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*