مواصلات جي وفاقي وزير مراد سعيد  جي قومي اسيمبلي ۾ تقرير دوران مخالف ڌر ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري  شديد احتجاج ڪيو

 

مواصلات جي وفاقي وزير مراد سعيد  جي قومي اسيمبلي ۾ تقرير دوران مخالف ڌر ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري  شديد احتجاج ڪيو،ان موقعي تي وفاقي وزير تقريرڪندي چيو ته ٻڌايو وڃي ته 23 هزار ارب رپين جو قرض ملڪ تي ڪيئن چڙهيو؟ جڏهن احتساب جي ڳالهه ڪريون ٿا ته مخالف ڌر مچائڻ شروع ڪري ٿي،جيڪڏهن مخالف گوڙ ڪندا ته مان وڌيڪ سٺو ڳالهائيندس.

قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر  قاسم سوري جي صدارت هيٺ اجلاس دوران  مراد سعيد تقرير ڪندي چيو ته جيڪڏهن مخالف ڌر هن کي ٻڌي ٻڌي ٿڪجي پئي آهي ته اسان انهن کي برداشت ڪندي ٿڪجي پيا آهيون.

هن مخالف ڌر کي دعوت ڏني ته اچو ته  ان ڳالهه جوعهد ڪريون  ته اسان نه پختون، نه پنجابي، نه سنڌي ۽ نڪي پٺاڻ آهيون، پر پاڪستاني آهيون.

هن مخالف ڌر جي احتجاج جو جواب ڏيندي چيو ته توهان جون رڙيون ٻڌڻ ۾ اچي رهيون آهن، ڪوٽ لکپت مان به رڙيون اچي رهيون آهن.

وفاقي وزير چيو ته جڏهن مخالف ڌر وارا اقتدار ۾ اچن ٿا ته ڊاڪٽر قديرجهڙن ماڻهن کي وساري ڇڏين ٿا.

هن چيو ته جيڪڏهن ڪو ذاتي ڪرپشن جي ڪري جيل ۾ موجود آهي ته 28 مئي جهڙي ڏينهن کي تڪراري نه بڻايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*