ڳوڻو صدر آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ 29 تي نيب اڳيان پيش ٿيندا

نيب اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي نيب هيڊڪوارٽرز  ۾ پيشي کان اڳ  سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪرڻ لاءِ آئي جي اسلام آباد ۽ چيف ڪمشنر کي خط لکي ڇڏيو آهي.

ميڊيا رپورٽس موجب خط جي متن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اڳوڻو صدر آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ 29 تي نيب اڳيان پيش ٿيندا.

اڳوڻي صدر ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري  جي پيشي تي نيب اولڊ هيڊ ڪوارٽرز ۾ سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا وڃن.

واضح رهي ته پيپلز پارٽي  جي قيادت نيب ۾ پيشي جي موقعي تي ڪارڪنن نيب آفيس ٻاهران پهچي سگهن ٿا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*