وزيراعظم جي معاون خصوصي فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته  رياستي رٽ کي چئلينج ڪرڻ وارن فوجي چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو

وزيراعظم جي معاون خصوصي فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته  رياستي رٽ کي چئلينج ڪرڻ وارن فوجي چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو، قومي سلامتي کي داءُ تي لڳائيندڙن ۽ پاڪ فوج خلاف ڳالهائڻ وارن کي ڪا به رعايت نه ڏني ويندي.

اسلام آباد ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ اتر وزيرستان ۾ فوجي چيڪ پوسٽ تي حملي جي مذمت ڪئي وئي ۽ شهيد اهلڪار لاءِ دعا گهري وئي.

هن چيو ته جن وڳوڙين کي قبائلي علائقن جي ترقي برداشت نه ٿي ٿئي اهي ٻيهر علائقي ۾ وڳوڙ ڪرائڻ چاهين ٿا، فوجي چوڪين تي حملي جهڙا واقعا علائقي جي ترقي جي رستي ۾ رنڊڪ آهي.

سندس چوڻ هو ته وزيراعظم عمران خان قبائلي علائقن جي ترقي لاءِ 102 ارب رپيا فنڊز رکيو آهي، جيڪڏهن قبائلي علائقن ۾ وڳوڙ جي ڪوشش ٿي ته انهن خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي.

فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ هو ته وفاقي سرڪار طرفان 11 جون تي مالي سال 2019 ۽ 20 جي بجيٽ پيش ڪئي ويندي، وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته بجيٽ ۾ غريب عوام تي مهانگائي جو بار نه پوندي.

سڌ سماءَ واري معاون خصوصي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ٻارڙن سان جنسي ڏاڍائي جي وڌندڙ واقعن تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو، اجلاس ۾ وزيراعظم، ٻارڙن سان جنسي ڏاڍائي ڪندڙ جوابدارن کي موت جي سزا ڏيارڻ لاءِ آئين ۾ قانونسازي ڪرڻ جي به هدايت ڪئي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*