نون ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان جعلي ۽ ڪٺپتلي وزيراعظم آهي

نون ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان جعلي ۽ ڪٺپتلي وزيراعظم آهي، هو ووٽ ذريعي نه پر سازشون ڪري اقتدار ۾ آيو آهي، جيڪڏهن نواز شريف جيل کان ٻاهر اچي وڃي ته عمران خان جي حڪومت هڪ ڏينهن به هلي نه سگهندي.

لاهور ۾ يوم تڪبير واري تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته چور دروازي ذريعي اقتدار ۾ ايندڙ شخص کي ڪو به وزيراعظم نه ٿو مڃي، قومن جي تقدير ۾ اهڙو وقت به ايندو رهندو آهي.

هن چيو ته سڀ ڄاڻين ٿا ته جرئتمند فيصلا ڪرڻ وارو ڪير هو، نواز شريف عالمي دٻاءَ ۽ رشوت جي لالچ جي آڇ باوجود ايٽمي ڌماڪا ڪري ملڪ کي طاقتور بڻايو.

سندس چوڻ هو ته ايٽمي ڌماڪن جي بنياد رکندڙ شخص کي ڦاهي تي چاڙهيو ويو ۽ 6 ايٽما ڌماڪا ڪندڙ شخص کي جيل ۾ بند ڪيو ويو آهي، نواز شريف ملڪي سلامتي لاءِ ايٽمي ڌماڪا ڪيا.

نون ليگ جي نائب صدر چيو ته عمران خان ملڪ کي آءِ ايم ايف وٽ گروي رکي ڇڏيو آهي، نواز شريف جي دور ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ بهتر هئي، پر هاڻي صورتحال اها آهي جو رمضان بازارن ۾ هڪ ڪلو کنڊ وٺڻ لاءِ به لائينون لڳل هونديون آهن.

مريم نواز چيو ته جعلي وزيراعظم چوي ٿو ته ڪنهن کي اين آر او نه ملندو، هو ٻڌائي ته کائنس اين آر او گهري ڪير رهيو آهي، حمزه شهباز کي پارٽي جو نائب صدر بڻائڻ تي اوهان جون ٽنگون ڏڪن پيون.

نون ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو ته عمران خان نيب ۽ عدالتن جي پويان لڪڻ بدران سامهون اچي سندن مقابلو ڪري.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*