عمران خان پنهنجن مخالفن خلاف رياستي ادارن کي استعمال ڪري رهيو آهي، بلاول ڀٽو زرداري

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اسلام آباد ۾ پ پ ڪارڪنن تي پوليس تشدد ۽ گرفتارين جي مذمت ڪندي چيو آهي ته عمران خان پنهنجن مخالفن خلاف رياستي ادارن کي استعمال ڪري رهيو آهي، اڄوڪي ۽ مشرف جي پاڪستان ۾ گهڻو فرق نظر نه ٿو اچي، اسان کي سليڪٽڊ حڪومت قبول نه آهي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته  حڪومت جي روئي جي خلاف عيد کانپوءِ رستن تي اينداسين.

هن چيو ته چيئرمين نيب خلاف وڊيوز سازش جو حصو آهن،ايم اين اي علي وزير  کي پنهنجو موقف پيش ڪرڻ جو موقعو ملڻ گهرجي،اسپيڪر قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ سندس پراڊڪشن آرڊر جاري ڪري.

بلاول چيو ته اسلام آباد ۾ روزيدار عورت ڪارڪنن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو.

هن چيو ته نيب آمر  جو ٺاهيل ڪارو قانون آهي ۽ هي حڪومت نيب جي ڪري ئي هلي رهي آهي،پر نيب ۽ معيشت گڏ هلي نٿا سگهن.

هن چيو ته اسلام آباد ۾ نه ئي قلم 144 لاڳو هو، نه ئي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي،ان جي باوجود اسان جي ڪارڪنن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*