ڊکڻ ويجهو ناريءَ پاران وڻ ۾ ڦاهو کائي مبينا طور آپگهات ڪرڻ واري واقعي ڊرامائي رخ اختيار ڪري ورتو آهي

ڊکڻ ويجهو ناريءَ پاران وڻ ۾ ڦاهو کائي مبينا طور آپگهات ڪرڻ واري واقعي ڊرامائي رخ اختيار ڪري ورتو آهي

فوتي ناريءَ جي ايڇ آءِ وي جو مريض هئڻ واري انڪشاف کانپوءِ پوليس سندس مڙس کي گرفتار ڪري ورتو.

جوابدار بهادر رند پوليس آڏو ٻڌايو ته 7 مئي تي سندس گهرواري کي ايڇ آءِ وي ايڊز جي تصديق ٿي هئي، جنهن بعد 9 مئي تي سندس علاج شروع ٿيو.

هن چيو ته مون پنهنجي گهرواري کان ٻي شادي جي اجازت ورتي وئي، جنهن بعد هن آپگهات ڪيو آهي.

هوڏانهن ناري جي ڀاءُ اڪبر رند چيو ته منهنجي ڀيڻ کي سندس مڙس قتل ڪرڻ بعد قتل ڪيو آهي، مٿس ڪيس داخل ڪيو وڃي.

ناري جي ڀاءُ اڪبر رند چيو ته منهنجي جي ڀيڻ کي جوابدار ايڇ آءِ وي ھجڻ سبب ٻي شادي جي اجازت نھ ڏيڻ تان قتل ڪري لاش وڻ ۾ ٽنگيو آھي.

ٻئي طرف ناري جو لاش ڳڙهي ياسين اسپتال ۾ پيل آهي، پوليس موجب، ڊاڪٽر جو چوڻ آهي تھ عورت زندھ ھجي ها تھ ايڇ آءِ وي ٽيسٽ ڪري سگهون، اسان ٽيسٽون هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

ذريعن موجب،  ناري کي لاڙڪاڻي جي ايڊلٽ سينٽر ۾  ايڊز هجڻ جي تصديق ٿي هئي، جنهن بعد ڊاڪٽرن ناري کي سندس مڙس ۽ ٻارڙن جي ٽيسٽ ڪرائڻ جي هدايت ڪئي هئي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*