سنڌ سرڪار پاران موڪل تي ويل صحت کاتي جي سيڪريٽري سعيد اعواڻ کي ھٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو

سنڌ سرڪار پاران موڪل تي ويل صحت کاتي جي سيڪريٽري سعيد اعواڻ کي ھٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، عمري تي ويل صحت کاتي جي اضافي چارج سعيد مڱڻيجو حوالي ڪئي وئي آهي.

پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري صحت کاتي جي ڪارڪردگي مان مئطمن نھ ٿيو آهي، موڪل تي ويل صحت کاتي جي سيڪريٽري سعيد اعواڻ کي ھٽايڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

عمري تي ويل صحت کاتي جي اضافي چارج سعيد مڱڻيجو حوالي ايڊيشنل سيڪريٽري اصغر ميمڻ کان صحت کاتي واري سيڪريٽري جي اضافي چارج واپس ورتي وئي آهي.

اسپيشل سيڪريٽري ھيلٿ حفيظ عباسي بھ بيماري جو عذر ڄاڻايي 15 ڏينھن جي موڪل تي روانو ٿي ويو.

ٻئي طرف صحت کاتي پاران ڊي جي ھيلٿ ڊاڪٽر مسعود سولنگي کي بھ پنھنجي آفيس ۾ رھڻ جون ھدايتون جاري ڪيون ويون آهن.

رتوديرو ۽ ڀر پاسي 707 مريضن جي علاج وارو معاملو بھ ڳنڀير بڻيل  آهي، جڏهن ته مريضن جي تشخيص ۽ علاج وارا معاملا ڊي ايڇ او حوالي ڪئ يوئي آهي.

اسپيشل سيڪريٽري حفيظ عباسي جي رتوديرو آوٽ بريڪ مانيٽرنگ لاءِ صحت کاتي رتوديرو ۾ خاص ڊيوٽي لڳائي وئي هئي پر اھو بھ موڪل ڪري روانو ٿي ويو.

صحت کاتي جي اضافي چارج لاءِ چيف سيڪريٽري جي زور ڀرڻ بعد ايريگيشن سيڪريٽري سعيد مڱڻيجو چارج وٺي چيف سيڪريٽري کي رپورٽ ڪري ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*