ٻارهين ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي افتتاحي ميچ سڀاڻي ميزبان انگلينڊ ۽ ڏکڻ آفريڪي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي

ٻارهين ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي افتتاحي ميچ سڀاڻي ميزبان انگلينڊ ۽ ڏکڻ آفريڪي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي.

12هين ڪرڪيٽ ورلڊڪپ لاءِ سموريون ڏهه ٽيمون شرڪت ڪري رهيون آهن.

ميگا ايونٽ ۾ انگلينڊ، سري لنڪا، آسٽريليا، پاڪستان، ڀارت، ويسٽ انڊيز، بنگلاديش، افغانستان، ڏکڻ آفريڪا ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمون شرڪت ڪري رهيون آهن.

ٻنهي ٽيمن گذريل ڏينهن ڀرپور ٽريننگ سيشن ۾ شرڪت ڪئي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي انگلش ٽيم جي ڪپتان اين مورگن ۽ ڏکڻ آفريڪي ٽيم جي ڪپتان فاف ڊيو پليسي جو چوڻ هوته ٽيم جي سمورن رانديگرن ميگا ايونٽ جي افتتاحي ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ڀرپور تياري ڪئي آهي.

ڪرڪيٽ جي ماهرن جو چوڻ آهي ته انگلينڊ جي ٽِيم تازو پاڪستان کي ون ڊي سيريز ۾ شڪست ڏني ۽ کين هوم گرائونڊ ۽ هوم ڪرائوڊ جو ايڊوانٽيج حاصل هجڻ سبب فيوريٽ قرار ڏنو پيو وڃي.

 

ڪرڪيٽ  ورلڊڪپ جي پهرين ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم گذريل ڏينهن ڀرپور ٽريننگ سيشن ۾شرڪت ڪئي.

پاڪستان جي ٽيم ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ پهرين ميچ 31تاريخ تي ويسٽ انڊيز جي ٽيم ٿي رهي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*