اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري  ۽ ان جي ڀيڻ فريال ٽالپر جي عبوري ضمانتن ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري  ۽ ان جي ڀيڻ فريال ٽالپر جي عبوري ضمانتن ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي،عدالت نيب ڪيس جو ريڪارڊ طلب ڪري ورتو.عدالت هدايت ڪئي ته ايندڙ شنوائي تائين زرداري کي گرفتار نه ڪيو وڃي.

جسٽس عامر فاروق ڪيس جي شنوائي ڪندي ڄاڻايو ته سڀاڻي تائين ڏسون ٿا ته نيب ريڪارڊ پيش ڪري ٿو يا نه؟

شنوائي دوران  آصف زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائڪ پنهنجا دليل مڪمل ڪري ورتا.

ان موقعي تي نيب اڳوڻي صدر آصف زرداريءَ جي خلاف گهربل ريڪارڊ پيش نه ڪري سگهي.

عدالت  نيب جي پراسيڪيورٽر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڄاڻايو ته ڏيڍ ڪلاڪ کان دليل ٻڌي رهيا آهيون،توهان وٽ ريڪارڊ مڪمل ناهي.

عدالت پڇيو ته توهان ريڪارڊ کانسواءِ هتي ڇا وٺڻ آيا آهيو؟

عدالت ڪيس جي شنوائي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*