سڌ سماءَ واري معاون خصوصي فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته فوج تي حملو ڪرڻ وارن کي ايوان ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي

سڌ سماءَ واري معاون خصوصي فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته فوج تي حملو ڪرڻ وارن کي ايوان ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اسلام آباد ۾ احتجاج ڪندڙن عورتن کي ڍال بڻايو، جيڪڏهن اهي ايڏا بهادر هئا ته نيب آفيس ۾ داخل ٿي ڏيکارين ها.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي بيان تي ردعمل ظاهر ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته نيب وارا جڏهن کائن سوال پڇندا آهن ته اهي پريشان ٿي ويندا آهن.

هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري پاڪ فوج جي جوانن تي حملو ڪندڙن کي ايوان ۾ گهرائڻ جو مطالبو ڪري پنهنجي ماءُ جو مشن وساري چڪو آهي.

سندس چوڻ هو ته فوج تي حملو ڪندڙن کي پارليامينٽ ۾ آڻڻ جو مطالبو سياست نه آهي، نابالغ سياستدانن کي وڌيڪ سکڻ جي ضرورت آهي.

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته اڄ نيب ۾ پيشي دوران سياسي طور زنده رهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي، ڪجهه سياسي جماعتون وفاق جي نمائندگي بدران سنڌ جي ڪجهه ضلعن تائين محدود ٿي ويون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*