ڊبليو ايڇ او سميت صحت بابت عالمي ادارن، سنڌ ۾ ايڇ آءِ وي صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي سهڪار جي خاطري ڪرائي ڇڏي

ڊبليو ايڇ او سميت صحت بابت عالمي ادارن، سنڌ ۾ ايڇ آءِ وي صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي سهڪار جي خاطري ڪرائي ڇڏي، عالمي ڊونرز ادارن گهربل سمورا فنڊز ۽ ٻارڙن ۾ ايڇ آءِ وي چڪاس لاءِ ڪٽس فراهم ڪرڻ جي به خاطري ڪرائي ڇڏي آهي.

ڊبليو ايڇ او، يو اين ايڊ، يونيسيف، يو ايس ايڊ ۽ صحت جي ٻين عالمي ادارن جي صحت کاتي جي اختيارين سان اهم گڏجاڻي ٿي.

گڏجاڻي ۾ ڊبليو ايڇ او جي عملدارن رتيديري ۾ ايڇ آءِ وي پکڙجڻ جو سبب معلوم ڪرڻ لاءِ  جديد طرز تي جاچ ڪرڻ جي پڻ خاطري ڪرائي.

گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڊبليو ايڇ او جي صحت ماهرن تي ٻڌل 7 رُڪني ٽيم اڄ لاڙڪاڻي ويندي، جيڪي 10 ڏينهن اُتي موجود رهي وائرس جي پکڙجڻ جو سبب معلوم ڪري صوبائي حڪومت کي رپورٽ پيش ڪندي.

صحت بابت عالمي ماهرن جو چوڻ آهي ته ننڍي عُمر جي ٻارڙن ۾ به ايڇ آءِ وي پکڙجڻ جو امڪان موجود هوندا آهن، پر دنيا ۾ 2 کان 5 سالن جي ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي ٿيڻ جا ڪيس نه هجڻ برابر هجن ٿا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*